لاهور- 21 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن
نقوي،7/24 اوپن پاسپورٽ آفيس گارڊن ٽائون جو اوچتو دورو ڪيو. وفاقي
وزي?? پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پاسپورٽ
ٺهرائڻ واري عمل جي باري ۾ پڇاڻو ڪيو. پاسپورٽ ٺهرائڻ جي عم?? تي
اطمينان جو اظهار ڪندي شهرين چيو ته 24 ڪلاڪ پاسپورٽ آفيس کليل رهڻ
سبب بي پناهه رش ختم ٿي وئي آهي. وفاقي وزير مختلف ڪائونٽرن تي ويو ۽
شهرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ڪجهه شهرين جا مسئلا موقعي تي حل
ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنا. ڪجهه شهرين علائقي ۾ ايجنٽ مافيا جي شڪايت ڪئي.
وفاقي وزير فوري طور نوٽيس وٺندي ايف آءِ اي کي اڄ ئي فوري ڪريڪ
ڊائون جو حڪم ڏ??و. ??ن چيو ته شهرين ک?? سهولتون سڀ کان وڌيڪ عزيز
آهن. پاسپورٽ ملڻ ۾ دير جي شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شهرين جو اعتماد منهنجي لاءِ اطمينان جو سبب آهي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران گارڊن ٽائون پاسپورٽ آفيس جو دورو، شهرين جو پاسپورٽ ٺهرائڻ واري عمل تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری