اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثق??فت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته انساني ثق??فت ۽ ورثي جي تاريخ صديون پراڻي آهي، پاڪستان جي ثق??فت ۽ تهذيب اسان جي سڃاڻپ آهي، بين المذاهب هم آهنگي سان ئي بهترين معاشرو جڙي ٿو، پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لا??ِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ڊائيلاگ هر مسئلي جو حل آهي، گهڻ رُخي ثق??فت حوالي سان پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ امن ۽ استحڪام لا??مي آهي. مقامي هوٽل ۾ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ”ملڪ جي اندر ۽ سرحد پار امن کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ پاڪستان جو ثق??فتي تنوع“ جي موضوع تي منعقد ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان نه رڳو گنڌارا تهذيب جهڙين تاريخي جاين جو گهر آهي پر هتي دنيا جي قديم ترين ٻڌمت تهذيب جا آثار قديمه پڻ موجود آهن. سنڌ ۾ واقع موهن جو دڙو 2500 قبل مسيح جي هڪ يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج سائٽ آهي ۽ هتان ملندڙ آثار قديمه، پاڪستان جي قديم تهذيب جي گواهي ڏين ٿا. هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ڀرپاسي ۾ موجود شاهه الله دته ۽ مارگلا جي جبلن ۾ قديم ٻڌمت جا آثر موجود آهن، هتان ملندڙ اسٽوپا ۽ ٻيون تاريخي جايون پاڪستان جي قديم تهذيب ۽ ثق??فت جي گواهي ڏين ٿيون. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، هتان جا ماڻهو محبت ڪندڙ ماڻهو آهن، پاڪستان جي عوام سڄي دنيا ۾ پنهنجي مهمان نوازي جي لا??ِ سڃاتي وڃي ٿي، اها ئي اها شيءَ آهي جيڪا نسل درنسل هلندي پئي اچي ۽ پاڪستاني عوام جي سڃاڻپ بڻيل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سڄي دنيا ۾ ڀائيچاري، امن ۽ هم آهنگي جو پيغام پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان سدائين امن پسندي جو مظاهرو ڪي?? آهي، اتحادين سان اسان جا لاڳاپا سدائين سٺا رهيا آهن، اسان ڪنهن کي اڪيلو ناهي ڇڏيو، پاڪستان کي دنيا جي سامهون پنهنجي صحيح ۽ مثبت تصوير پيش ڪرڻ گهرجي. مقامي ماڻهن جي ثق??فت ۽ روايتن کي دنيا آڏو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ متنوع ثق??فتي ورثو موجود آهي، گلگت بلتستان جي مقامي ماڻهن کان وٺي ڏکڻ پنجاب جي ٿل جي صحرائن تائين پاڪستان ۾ هر قسم جي موسم ۽ منظرنامو موجود آهي، پاڪستان بابت غلط فهمين جي ڪري دنيا ان جي حقيقي تصوير نه ڏسي سگهي. هن چيو ته اسان ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، دنيا کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏئي رهيا آهيون، اترئين علائقن ۾ سياحن جي انگ ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ عالمي سطح جا اجلاس منعقد ٿي رهيا آهن، تازو ئي شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس منعقد ٿيو جيڪو 27 سالن کانپوءِ ان سطح جو پهريون وڏو ايونٽ هو. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ مان پاڪستان ايندڙ ماڻهو هتان سٺا تاثر کڻي وڃن ٿا، انهن جو ملڪ بابت نظريو مڪمل ??ور تي بدلجي وڃي ٿو، پاڪستان اچي ماڻهو حقيقت ڏسن ٿا. وفاقي وزير چيو ته منهنجي تڪ ۾ 70 هزار مسيحي ووٽرز موجود آهن، آئون پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان جڏهن ملندو آهيان ته انهن جي مختلف مسئلن تي ڳالهه ٿيندي آهي. اسان کي مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان جو مذهب اسلام اسان کي برداشت ۽ تحمل ??و تلقين ڪري ٿو. هن چيو ته ڊائيلاگ سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي، منطق ۽ بنيادي مسئلن تي ڳالهه ڪري ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ مختلف ثق??فتن ۽ ماڻهن سان گڏ رهڻ جي لا??ِ مثبت سوچ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته حڪومت پاڪستان جو مثبت اميج دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان مقصد جي لا??ِ سرڪاري ۽ نجي ٻنهي سطحن تي ماڻهن کي پاڪستان جو مثبت پيغام پهچائڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف ثق??فتون، زبانون ۽ اقليتون موجود آهن جن کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت گلگت بلتستان جي مقامي ماڻهن جي قديم فنون کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سج جي حساب سان ڪئي ويندڙ قديم ڳڻپ جي فن ”سوريه“ کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. حڪومت قديم فنون جي بحالي جي لا??ِ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. وفاقي وزير الله خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جا ٿورا مڃيا جنهن مقامي ماڻهن جي لا??ِ بهترين ڪم سرانجام ڏنا. هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي مثبت تصويرڪشيءَ جي لا??ِ پرعزم آهي، دنيا ۾ پاڪستان کي احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته موجوده عالمي صورتحال ۾ مثبت پيغام جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، دنيا ۾ علائقائي ۽ عالمي سط?? تي تڪرار موجود آهن، اهڙي ۾ مثبت پيغام جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته قومي مفاد، ثق??فت ۽ ملڪ جي مثبت تصويرڪشيءَ جي لا??ِ اسان کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ جي لا??ِ تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هڪ خوبصورت ملڪ آهي، پاڪستان دنيا کي امن جو پيغام ڏئي رهيو آهي، اسان پنهنجي ثق??فتي تنوع ۽ هم آهنگي کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ثق??فت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ موجود تاريخي ورثي جي تحفظ جي لا??ِ ڪوششون ڪي??ن پيون وڃن، 18هين آئيني ترميم کانپوءِ ثق??فتي ورثو صوبن وٽ هليو ويو آهي ۽ ان حوالي سان صوبن سان تعاون ڪي?? پيو وڃي.
پاڪستان جي ثقافت ۽ تهذيب اسان جي سڃاڻپ آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون