اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) ملائيش??ا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته پاڪست??ن جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن ملائيشيا ۾ بدترين ٻو?? سبب ٿيل نقصانن تي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، مان سندس اهڙي جذبي جو ٿورائتو آهيان ۽ کيس ملائيش??ا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ملائيش??ا جي وزيراعظم چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فون ڪال دوران متاثر ٿيل اٽڪل هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ ملائيشيا جي شهرين جي بهتري لاءِ دعا ڪئي ۽ ٻنهي قومن جي دوستي ۽ تعاون جي جذبي تحت امداد جي فراهمي جو ارادو ظاهر ڪيو. هن چيو ته مان سندس اهڙي فراخدلي تي سندس ٿورا مڃيندي کيس ايندڙ سال جي شروع ۾ ملائيش??ا جي دوري جي دعوت ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون