اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف پڪڙ مضبوط ڪئي ويندي، ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر جي سينيئر آفيسر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز ??سين کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي ڪو??ش جي وقت سر نشاندهي ڪندي ڪارروائي ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اعجاز ??سين جي فرض شناسي کي ساراهيندي سندس ايمانداري جي اعتراف ۾ ان جي لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اعجاز ??سين جي فرض شناسي تي کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته اه??ن ايماندار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم ايف بي آر سڌارن جي م??بت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي غريب عوام جو ٽيڪس چوري ڪرڻ ۽ انهن جي م??د ڪندڙن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي، غريب عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف قانون جي پڪڙ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. هن چيو ته اعجاز ??سين ان احسن قدم سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر ٽيڪس فراڊ جي ان ڪڌي ڪو??ش جي تفصليي جاچ کانپوءِ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. هن ايف بي آر ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي م??د ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ بهترين قانوني ٽيم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيلز ٽيڪس چوري جي لاءِ 80 سالن جي عورت جا دستاويز استعمال ڪيا ويا، 4 مارچ 2024ع تي ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز ??سين ٽيڪس فراڊ جي ان ڪو??ش جي نشاندهي ڪئي، سيلز ٽيڪس فراڊ جي ان ڪوشش ۾ شروعاتي طور تي 37 ڪروڙ منتقل به ٿيا جنهن جي ريڪوري جو عمل جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ ملوث مرڪزي جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته تفصيلي جاچ کانپوءِ ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ مبينا سهڪار ڪندڙ ايف بي آر جي عملدارن جي نشاندهي ڪري انهن کي به سخت سزا ڏياري وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي م??يشت جي ترقي جي لاءِ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا ??هي??ن، ايف بي آر جي سڌارن ۽ مڪمل ڊيجيٽائيزيشن سان مستقبل ۾ پڻ اه??ي قسم جي ڪاررواين جي روڪٿام ٿي سگهندي.
ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف پڪڙ مضبوط ڪئي ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena