اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان چيني ??نع??ن کي زمين فراهم ڪندو جڏهن ته انفرا اسٽرڪچر، مارڪيٽ ۽ انهن زونز جو انتظام هو پاڻ ڪندا، ??نع??ي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪ??هن قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي، زونز جي تعمير ۽ سهول??ن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪ??تاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زونز (ايس اي زيز) لاءِ جاين جي نشاندهي ۽ چيني ??نع??ن جي پاڪستان منتقلي لاءِ پاليسي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. اجلاس ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني. احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چين سان جي ٽو جي گڏيل تعاون ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان چيني ??نع??ن کي زمين فراهم ڪندو. وفاقي وزير هدايت ڪئي سڀني کان پهرين ماڊل ??نع??ي زونز لاءِ دستياب زمين جي مقدار جو تعين ڪيو ويندو ۽ انهن زونز جي ڀرپاسي ۾ بنيادي سهول??ن جي دستيابي جو تفصيلي ج??ئزو ورتو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ??نع??ي زونز جي حوالي سان پاليسي جي تياري لاءِ هڪ جامع ڪانسيپٽ نوٽ تيار ڪيو وڃي، احسن اقبال ??نع??ي زونز جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ??نع??ي زونز لاءِ ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سيڙپڪارن کي ڪ??هن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي. هن واضح ڪيو ته زونز جي تعمير ۽ سهول??ن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪ??تاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته چيني ڪ??پنين سان هر مهيني باقاعدگي سان ملاقاتون ڪيون وڃن ۽ انهن جي مسئلن جو فوري حل يقيني بڻايو ويندو. هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترقي جي دشمنن کي پاڪ چين لاڳاپن ۾ ڏار وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
پاڪستان چيني صنعتن کي زمين فراهم ڪندو: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria