اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان ج?? وزيراعظم زاپاروف اڪيل بيڪ اڱاري ڏينهن اسلام آ??اد پھچي ويو. نورخان ايئر بيس تي پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊڪارپيٽ استقبا?? ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پاتل ٻارن معزز مھمان کي گلدستا پيش ڪيا. ٻنھي اڳواڻن پاڻ ?? خيرسگالي وارن جذبن جو اظھار ڪيو. ڪرغزستان جي وزيراعظم سان اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آھي جنھن ۾ معيشت ۽ واپار وارا وزير، نائب پرڏيھي وزير ۽ ايس سي او لاءِ نائب رابطه ڪار پڻ شامل آھن. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪرغزستان جو سفير ۽ سفارتخاني جون ٻ??ون اعليٰ اختيار??ون پڻ موجود ھيون.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ