اسلام آبا?? – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر سوشل ميڊيا تي 6 سيپٽمبر دفاع واري ڏهاڙي تي عام موڪل جي اعلان جي حوالي سان گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وزارت جي فيڪٽ چيڪر 6 سيپٽمبر دفاع واري ڏهاڙي تي عام موڪل بابت نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏيندي چ??و آهي ته جعلي خبرون ڦهلائڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي پر اهو ملڪ جي لاءِ ب?? نقصانڪار آهي. اهڙي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ هر هڪ جي ذميواري آهي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش