اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آ??ي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، 20 نڪاتي سڌارن جي شروعات وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٿي چڪي آهي. ڪالهه وزيراعظم جي توانائي بابت خاص مددگار محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته توانائي جو شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان لاءِ هن شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، وزيراعظم جي ويزن تحت سمورن وزارتن کي گڏجي سڌارن تي عملدرآمد ڪرڻو آهي. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته وزيراعظم جي حڪمن موجب توانائي جي شعبي تي نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، پاور سيڪٽر سان ڳنڍيل سمورا ادارا ٽاسڪ فورس ۾ شامل آهن، نيشنل ٽاسڪ فورس توانائي جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سمورن رخن جو جائزو وٺندي ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جو هڪ صحتمند شعبو ڏينداسين. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته جيترو جلدي سان شيون ٺيڪ ڪنداسين اوتري ??لدي معيشت بهتر رخن تي ايندي. وزيراعظم جي خاص مددگار محمد علي چيو ته اسان آءِ پي پيز ۽ پيداواري لاڳت بابت مسئلا ڏسي رهيا آهيون، هاڻي اهو ڏسڻو آ??ي ته بجلي جي پيداواري لاڳت ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ڪيئن ڪري ??گهجي ۽ ڪيئن حڪومت صارفين تي بار گهٽ ڪري ??گهي ٿي. هن چيو ته ٽاسڪ فورس جو اجلاس روزاني جي بنياد تي ٿيندو جنهن جي اڳڀرائي ک??ن عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.
توانائي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي: وفاقي وزير اويس لغاري
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania