اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينه خالد پاران ايوان صدر ۾ ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي گوادر ۾ آفيس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چي?? ته پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن جو انگ وڌايو وڃي. صدر بئنڪن پاران بينظير ڪارڊ هولڊرز کان 0.45 سيڪڙو سروس چارجز ڪٽوتي جو نوٽيس ورتو ۽ چي?? ته سروس چارجز ختم ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سان رابطو ڪيو وڃي. هن چي?? ته بئنڪن کي انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقين جا اڪائونٽ کولڻ جو چي?? وڃي، ادائيگي جي جديد نظام سان پروگرام مان فائدو کڻندڙ ماڻهن کي استحصال کان بچائي سگهبو. صدر وڌ کان وڌ مستحق شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ ڊونرز ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي شموليت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صدر کي بينظير ڪفالت، تعليمي وظيفن، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس ۽ واڌويجهه پروگرام بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ کيس ان ڳال??ه کان آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال دوران انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 598.718 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير ڪفالت پروگرام فليگ شپ پروگرام آهي جڏ??ن ته ڪفالت پروگرام تحت سڄي پاڪستان ۾ اهل عورتن ۽ کدڙن فقيرن کي غيرمشروط روڪ رقم فراهم ڪئي پئي وڃي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بينظير ڪفالت پروگرام جي لاءِ مالي سال 25 – 2024ع دوران 93 لک اهل خ??ند??نن جي لاءِ 461 ارب رپيا جڏ??ن ته اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ، گهٽ آمدني وارن خ??ند??نن جي ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ 77.18 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بريفنگ ۾ چي?? ويو ته بينظير تعليمي وظيفا پروگرام مان 97 لک ٻار فائدو کڻي سگهندا، ان سان گڏوگڏ انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس پروگرام تحت 10 هزار شاگردن کي وظيفن جي فراهمي جي لاءِ 1.7 ارب رپيا رکيا ويا. صدر کي بريفنگ ۾ ان ڳال??ه کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ته غذائيت جي کوٽ ۽ واڌويجهه جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 20 لک حاملا آ۽ کير پياريندڙ عورتن ۽ انهن جي کير پياڪ ٻارن کي خصوصي خوراڪ پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي جڏ??ن ته 2022ع ۾ ٻوڏ دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڄي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر 27 لک خ??ند??نن ۾ 70 ارب رپيا ورهايا. صدر معاشري جي مستحق ۽ پٺتي پيل طبقي کي مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ساراهيو.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي دائري کي وڌيڪ وڌايو وڃي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ