اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته جنيوا ۾ انسان?? حقن جي ڪميٽي تازو ئي ??ار?? جي چوٿين لڳاتار رپورٽ تي غور ڪيو. هو شهري ۽ سياس?? حقن جي عالمي معاهدن جي شقن کي ڪهڙي طرح لاڳو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ پبلڪ سيڪيورٽي ايڪٽ جهڙي سخت قانونن تحت گرفتارين ۽ ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس جي مسلسل معطلي بابت ??هم سوال اٿاريا ويا. هن چيو ته اهو ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسان?? حقن جي خراب صورتحال بابت ??المي انسان?? حقن جي مشينري جي مسلسل خدشن کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??ار?? پاران انسان?? حقن جي انهن خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪري.
عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا