اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ويئر هائوس ۽ لاجسٽڪس کي انڊسٽري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪندي ان حوالي سان ??مو??يون ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته معيشت بحالي جي پٽڙي تي گامزن آهي، وڌيڪ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ مختلف صنعتي ۽ ڪاروباري ايسوسيئيشنز جي نمائندن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ويئر هائوس ۽ لاجسٽڪس کي انڊسٽري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان حوالي سان ??مو??يون ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ??يو ته معيشت بحالي جي پٽڙي تي گامزن آهي، وڌيڪ معاشي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، معيشت کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي. هن ??يو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن تي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ۾ مقامي سيڙپڪاري وڌندي تڏهن ئي ٻاهرئين ??يڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي چين ??ي ايندڙ دوري دوران چيني انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيندس، حڪومت ڪاروبا?? دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، حڪومتي پاليسين ??ان ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. محمد شهباز شريف چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ متبادل توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي نئين منصوبن جي حوصلا افزائي ڪنداسين، ٽن وڏن ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ تي ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي، قومي خزاني کي اربين ??پين ??ي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ سواءِ ڪجهه اسٽريٽجڪ رياستي ملڪيتي ادارن جي باقي ??مو??ن ايس او ايز جي نجڪاري ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري جي بهتر واڌويجهه خوش آئنده آهي، ٻاهرئين ملڪ مقرر ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي پئي وڃي. وزيراعظم وفد کي انهن جي ??مو??ن جائز مطالبن ۽ مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم وفاقي وزيرن کي ??مو??ن صنعتي شعبن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وفد حڪومت جي معاشي پاليسين ??ي اعتماد جو اظهار ڪيو. ڪاروباري برادري وزيراعظم پاران مختلف فورمز تي التوا هيٺ انهن جي پراڻي مطالبن کي پورو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد خاطري ڪرائي ته ڪاروباري برادري معيشت جي بهتري ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي جي حوالي سان حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏيندي. ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين ۽ ٻين ??عليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ويئر هائوس ۽ لاجسٽڪس کي انڊسٽري جو درجو ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری