اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي چونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول جي ??اسداري ڪري ٿو. چين ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 73 هين سالگرهه جي ??وقعي تي شايع ٿيل چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر چيو ته پاڪستاني عوام چين سان غيرمشروط محبت ڪري ٿي. واضح رهي ته مارچ ۾ ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن به غيرملڪي ميڊيا سان صدر زرداري جي اها پهرين ڳالهه ٻولهه هئي. ٻنهي ملڪن جي اڳوڻي اڳواڻن جي ??چ ۾ ويجهي رابطي کي ياد ڪندي ??در آصف علي زرداري چيو ته منهنجي ??رحوم سُهري پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي چيو هو ته اوڀر طرف ڏسو، چين طرف ڏسو. صدر آصف علي زرداري جنهن پاڪستاني صدر جي طور تي پنهنجي ??هرين مدي ??وران 9 ڀيرا چين جو دورو ڪيو هو، هن ???تائيوان جي آزادي“ جي ڪنهن به شڪل کي رد ڪندي ون چائنا اصول تي سختي سان ڪاربند رهڻ جي ??اڪستان جي ??وقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته تائيوان چين جو حصو آهي. ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين چين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ چين جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي شروعات، گوادر پورٽ جي ترقي تي تبصرو ڪندي ??صف علي زرداري چيو ته 11 سال اڳ سي پيڪ جي شروعات کانپوءِ گوادر پورٽ تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، اها بندرگاهه سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي سدائين ڀليڪار چوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان وڌيڪ اسڪولن جي ان ڳالهه تي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ته هو چيني زبان کي پنهنجي ??ازمي نصاب ۾ شامل ڪن. ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي ??ضب??ط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي هن ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ماڻهن جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي ??اءِ وڌيڪ پاليسين تي زور ڏنو. چيني عوام جي ڪاميابين کي ساراهيندي ??صف علي زرداري چيو ته پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ چين جي ڪاميابي جو هڪ اهم سبب آهي ۽ پاڪستان چين جي ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ جي اميد ڪري ٿو.
پاڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي چونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول جي پاسداري ڪري ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino