اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪا??ينا ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور ڪندي پاڪ ايران لاڳاپن ۽ خطي جي حوالي سان خدمتن تي ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ابراهيم رئيسي وڏ?? عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو، پاڪستان مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ سندن ساٿين جي مغفرت جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبر سان شديد صدمو ٿيو آهي. اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. اسان جو?? سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني عوام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ۾ ايران سان گڏ بيٺل آهي. ان حوالي سان وفاقي ڪا??ينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ وڏ?? عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو. پاڪستان ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جهڙو مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وزيراعظم ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته گذريل مهيني ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جو پاڪستان جو دورو اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سنگ ميل هو. ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني عوام سان گذريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. ڪا??ينا پاران منظور ڪيل قرارداد ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي پاڪ – ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. ڪا??ينا دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير ۽ انهن جي ساٿين کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
وفاقي ڪابينا پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ