راولپنڊي- 06 فيبروري (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽا?? ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد پنهنجي سعودي عرب جي دؤري دوران سعودي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سليمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سل??متي معاملن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌا??ڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽا?? ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد هن وقت ٻين عالمي دفاعي نمائش لاءِ سعودي عرب جي دؤري تي آهي. هن نمائش ۾ لڳاي?? مختلف پاڪستاني اسٽالز جو دؤرو ڪيو ۽ ??لف??ح ٽو ميزائل اسٽال جو افتتاح به ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽا?? ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف، جنرل فياض بن حميد الرويلي ۽ چيف آف رائل سعودي لينڊ فروسز ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المطر سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II