اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهڙي ڪا صورتحال نه آهي جو چونڊن ۾ دير جو سبب بڻجي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي، سمورين سياسي پارٽين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. انفارميشن سروس اڪيڊمي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير ??يو ته پيمرا ايڪٽ ۾ صحافين کي تحفظ حاصل آهي. هن ??يو ته ميڊيا جا ادارا جڏهن پيمرا کان لائيسنس حاصل ڪن ٿا ته پنهنجي پوري فزيبلٽي ۽ بزنس پلان شيئر ڪن ٿا. صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي نوڪرين مان ڪڍڻ افسوسناڪ آهي، ان حوالي سان پيمرا چيئرمين سان ڳالهه ڪئي ويندي ته قانون تحت انهن ورڪرز جي تحفظ جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا. هن ??يو ??ه اطلاعات واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا ان جو نوٽيس وٺندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته بلوچستان مان آيل مظاهرين جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، انهن مظاهرين جا مطالبا اڄ جا نه آهن، ڪيترائي ڏهاڪا اڳ جا آهن، اسان جي پوري ڪوشش آهي ??ه انهن مسئلن کي حل ڪريون. هن ??يو ته گذريل ڏينهن به اسان جون مظاهرين سان ڳالهيون ٿيون، عورتون ۽ ٻار ڪافي م??ڪل صورتحال ۾ هئا، اسان جي ڪوشش ڪئي ??ه انهن کي حفاظت سان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. ان سلسلي ۾ اسان ڪجهه انتظام به ڪيا پر اهي واپس نه پيا وڃڻ چاهين، عورتن ۽ ٻارن کي فوري طور تي آزاد ڪيو ويو، اهو مسئلو اڃا ختم ناهي ٿيو، ڪميٽي موجود آهي ۽ پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. بلوچستان جو گورنر به هتي آيل آهي، ان حوالي سان ان سان به ڳالهه ٿيندي، ڪميٽي نگران وزيراعظم کي اڄ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي م??ي ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ٿي ويو آهي، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا دير نه آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو سبب نظر اچي ٿو، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته ڪنهن کي م??البو ڪرڻ جي حق کان محروم نه ڪري سگهجي. هن ??يو ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي، ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ به سمورن ميمبرن چيف اليڪشن ڪمشنر تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن ??يو ??ه اسان سياسي پارٽين جي اندروني م??ئلن تي تبصرو نه ٿا ڪري سگهون، اسان سمورين پارٽين سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا ته جيئن چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿين.
مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهڙي ڪا صورتحال نه آهي جو چونڊن ۾ دير جو سبب بڻجي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، چيف اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل