ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زي?? مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪرڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بنياد الزام هنيا، سڀ ڄاڻين ٿا ته اتڪل 5 لک غيرقانوني رهندڙ ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان مان پنهنجي وطن واپس ويا آهن، انهن کي جبري ناهي موڪليو ويو انهن جي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي. ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زي?? چيو ته ائين لڳي ٿ?? ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي ٽوئيٽ سان افغانستان جي حڪومت ۽ ٽي ٽي پي جي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ان جي پار??ي کي ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدو حا??ل ٿي سگهي، جيڪڏهن ائين آه?? ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. هن چيو ته غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي پنهنجي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي، پاڪستان مهمان نواز ملڪ آهي، مستقبل ۾ به ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿئي.
پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪرڻ گهرجي ها: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج