اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪستان ۾ تياري جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صدر ا??ڙن خيالن جو اظهار چل فا??ون??يشن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پارا?? جاري بيان موجب صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي تر??ي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خصوصي ماڻهن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد صدر کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ چل فا??ون??يشن جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته چل فا??ون??يشن خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضون سميت معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل فا??ون??يشن خصوصي ماڻهن کي بحالي، ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد صدر کي فا??ون??يشن جي مختلف منصوبن، خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل فا??ون??يشن جي ڪردار کي ساراهيو.
خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا: صدر
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش