اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪشميري عوام تي ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو، ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي شديد خلاف ورزي ۽ پنهنجي آئين جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيو آهي، ڏاڍ وڌڻ باوجو?? ڪ??ميرين ۾ آزادي جي تڙپ ۽ جذبو وڌيو آهي، دنيا جي ڪا به طاقت ان جذبي کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪي??. ا??لاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي ظلم جي تاريخ 177 سال پراڻي آهي، جڏهن 1876ع ۾ انگريز سامراج اهو خطو 75 لک عيوض ڊوگره راجا گلاب سنگهه کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ ڀارت ڪشمير تي جبري قبضو ڪيو ۽ اهو جبر ۽ ظلم هن وقت تائين جاري آهي. هن چيو ته جيئن جيئن جبر ۽ ظلم وڌيو ڪشميري عوام جو جذبو به ائين ئي وڌيو آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي جبري قبضو ڪري ڀارت نه رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي پر پنهنجي آئين ۽ قانون جي به خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته دنيا ۾ انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم نظر نه ٿو اچي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اها حقيقت آهي ته جيئن جيئن ظلم وڌندو ائين ئي آزادي جو جذبو به فروغ وٺندو. آزادي جي ان جذبي کي دنيا جي ڪا به طاقت گهٽ نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته آزادي جي تحريڪ کي روڪي نٿو سگهجي، جيڪڏهن دنيا ۾ انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي پر??يه?? وزارت کان شروع ٿي ۽ ڊي چوڪ ۾ پڄاڻي تي پهتي. ريلي ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد پڻ شرڪت ڪئي.
ڪشميري عوام تي ظلم جي تاريخ ڏهاڪن تي ٻڌل آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن