اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ??ان پارليامنيٽ هائوس ۾ اسٽيٽ ڪائونسل آف عمان جي ڊپٽي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الحنائي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب عمان جو پارلياماني وفد آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ ??اڪ??تان جي سرڪاري دوري تي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عمان ۾ رهندڙ ??اڪ??تاني ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وڏي تعداد ۾ ??اڪ??تاني ڪارڪنن جي شاندار ميزباني تي عمان جي عوام ۽ حڪومت کي ساراهيو. اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ عمان جي شرڪت کي ساراهيو. ان موقعي تي دوستاڻي لاڳاپن جي نوعيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اسپيڪر چيو ته ??اڪ??تان عمان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۾ عمان جي ڪردار کي به ساراهيو. ڊاڪٽر الخطاب اسپيڪر جي خير سگالي تي ٻڌل لفظن کي ساراهيندي چيو ته عمان ??اڪ??تان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، هن پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي ذريعي پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مختلف شعبن خاص طور تي موسمياتي تبديلين ۾ تعاون جون راهون ڳولي سگهجن، ملاقات ۾ ايم اي?? اي ناز بلوچ به موجود هئي.
اسٽيٽ ڪائونسل آف عمان جي ڊپٽي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الحنائي جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری