اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري شنگ??ائ?? تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي و??ير?? واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي و??ير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ۽ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي مقصدن جي منافي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ ايس سي او پاران پرڏيهي و??ير?? واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس جي اي??نڊ?? ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ رابطن جي مسئلي سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي و??ير شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ، ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جي قابل سپلائي چين جي تعمير جي تجويز پيش ڪئي. ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي و??ير دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ جامع ۽ اجتماعي موقف تي زور ڏنو ۽ چيو ته سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. هن ڄاڻي و??ڻي اشتعال انگيز ۽ نفرت تي اتساهڻ جي به مذمت ڪئي ۽ فاشسزم جي خلاف گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيهي و??ير ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاقستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي هم منصبن ۽ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي و??يرن جي اجلاس پاڪستان کي شنگ??ائ?? تعاون تنظيم سان پنهنجي ڳانڍاپي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. ترجمان چيو ته 2017ع ۾ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي سڀني سرگرمين ۾ فعال ۽ تعميري طور تي حصو ورتو آهي ۽ ان شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي گهڻ رخي شعباجاتي اي??نڊ?? جي پيروي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات