مظفر ڳڙهه – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي حوالي سان ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن، ڊي ايڇ ڪيو اسپ??ال مظفر ڳڙهه ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتون بهتر آهن پر هتي ڪارڊيالوجي جي شعبي ۾ سهولتن جي سخت ضرورت آهي، ايمرجنسي جي حوالي سان جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??دا??ين، مظفر ڳڙهه ۾ مدر ا??نڊ چائلڊ اسپ??ال به ضرور ٺـهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر ڳڙهه جي ڊي ايڇ ڪيو اسپ??ال ۽ پنجاب ٽيڪنيڪل ا??نڊ ووڪيشنل ڪاليج (ٽيوٽا) جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير اسپ??ال ۽ ڪاليج ۾ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. سي اي او هيلٿ ڊاڪٽر ظفر عباس، ايم ايس ڊاڪٽر ضياءَ الحسن ۽ پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر يوسف نسيم بخا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر کي اسپ??ال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ضياءَ الحسن چيو ته ايڪسري جي ڊيجيٽل فلمن ايل سي ڊيز تي پابندي سبب پورٽ تي ڦاٿل آهن، جڏهن ته ڊالر وڌڻ جي ڪري به فلمن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي ڪري به مشڪلاتون وڌيون آهن. اسپ??ال انتظاميا مملڪتي وزير کي اسپ??ال ۾ عملي، وسيلن جي گهٽتائ?? ۽ ??شڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته هو ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.
پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي حوالي سان ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria