اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيدن جي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر منيب افضل جي والد ۽ ميجر خرم شهزاد جي ڀاءُ سان تعزيت ڪئي. صدر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار عبدالواحد، نائيڪ جليل انجم، سپاهي محمد عمران ۽ سپاهي شعيب خان جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار ج??وي?? اقبال ۽ نائيڪ حسين احمد جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي. صدر ڏکڻ وزيرستان ۾ فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ نائيڪ عبدالرشيد ۽ سپاهي رس??ل بادشاهه جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چ??و ته ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
ملڪ جي حفاظت ۾ جانين جي قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena