اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر وئي ۽ ان جي ايصال ث??اب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد اسان جي قو?? جو فخر آهن، اهي حق ج?? راهه جا شهيد آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پوري قو?? شهيد طلحيٰ منان جهڙن جوانن کي جنم ڏيندڙ مائرن ۽ عزم ۽ استقامت جي پيڪر والدين تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج جو هر آفيسر ۽ جوان ملڪ جي خدمت سان سدائين سرشار رهيو آهي. شهيد طلحيٰ منان جي ملڪ ۽ قو?? جي لاءِ قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيد طلحيٰ منان جي والده سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد طلحيٰ منان کي ان جي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.
وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر وئي، ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے