اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوبلي لائف انشورنس ڪمپني کي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي 12 لک ر??پيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک ر??پين جي رقم ادا ڪري. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ڪمپني پاليسي جي يونٽ قيمت جي طور تي 12 لک ر??پين جي ادائيگي جي معاملي کي نظرانداز ڪيو آهي، ڪمپني بيواهه کي صرف 45 لک ر??پيا واپس ڪيا جيڪي مرحوم مڙس پريميم طور ڪمپني کي ادا ڪيا هئا، صدر اهو فيصلو پاليسي هولڊر جي بيواهه عفت ناهيد جي پاران ??فا??ي انشورنس محتسب جي حڪم جي خلاف داخل اپيل جي شنوائي کانپوءِ ڏنو. ??فا??ي انشورنس محتسب مبينه طور تي گڏيل ٺاهه جي بنياد تي 45 لک جي ادائيگي کانپوءِ ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر چيو ته انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي رقم ڪاروبار ۾ لڳائڻ کانپوءِ منافعو ڪمايو، شڪايت ڪندڙ کي منافعي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. جمعي تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شفيق 2016ع ۾ جوبلي لائف انشورنس مان پاليسي حاصل ڪئي ۽ ان مد ۾ ڪمپني کي 45 لک ر??پيا ادا ڪيا، پاليسي هولڊر جي لاڏڻي کانپوءِ ان جي بيواهه دعويٰ داخل ڪئي ته انشورنس ڪمپني کيس پاليسي جي مد ۾ ادا ڪ??ل صرف 45 لک ر??پيا واپس ڪيا آهن، صدر قرار ڏنو ته ??فا??ي انشورنس محتسب ٺاهه جي آڙ ۾ واپس ڪيل 45 لک ر??وپين جي رقم جي اصل نوعيت کي نظرانداز ڪيو آهي، بيواهه کي صرف مڙس جي ادا ڪيل رقم واپس ڪرڻ انصاف جي اصولن جي منافي ۽ ناجائز آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست هر قسم جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي، انشورنس آرڊيننس انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ماڻهن کي ضرورتن ۽ معاشي مجبورين جي ڪري استحصال روڪڻ رياست جي ذميداري آهي، صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک ر??پين جي رقم ادا ڪئي وڃي.
صدر پاران جوبلي لائف انشورنس ڪمپني کي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی