اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پروگرام سرعام جي ٽيم سان جيڪو واقعو پيش آيو ان تي فوري ??دم کنيا و??ا، واقعي جي ٺوس جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جي ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب چيئرمين فيصل جاويد جي صدارت ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. هن چ??و ته پيمرا جي قانونن ۾ به بهتري اچڻ گهرجي. ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چ??و ته سنڌ کانسواءِ پوري ??اڪستان ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، گذريل اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا ٻڌايو هو ته سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ چاهي ٿي، سندس خاطري جي باوجود اڃا تائين سنڌ ۾ صحت ڪارڊ جاري ??اهي ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين چ??و ته اسان جا اڪثر فنڪار ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن لاءِ سرڪاري علاج جي ڪا سهولت موجود نه آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري ڇڏي ته فنڪارن کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو.
پروگرام سرعام جي ٽيم سان جيڪو واقعو پيش آيو ان تي فوري قدم کنيا ويا، واقعي جي ٺوس جاچ ڪئي پئي وڃي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea