اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عم??ان خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، افغانستان کي فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي افغانستان سان رابطن ۾ رهڻ گهرجي، مشڪل حالتن ۾ افغان عوا?? کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، روس سان توانائي، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جو فروغ چاهيون ٿا. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وز??را??ظم عم??ان خان کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي، گڏيل تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??را??ظم عم??ان خان ان موقعي تي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي هنگامي بنيادن تي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته معاشي بح??ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ مدد ڪئي وڃي. وز??را??ظم عم??ان خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان رابطا برقرار رکي. هن زور ڏنو ته افغان عوا?? کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي اهميت جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ مشاورت تي زور ڏنو. گڏيل تعاون جي ڏس ۾ وز??را??ظم مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پا??ان مجموعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عز?? کي ورجايو. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ روس سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهيون ٿا. وز??را??ظم ان موقعي تي پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي عز?? کي پڻ ورجايو. وز??را??ظم روسي صدر پيوٽن کي پاڪستان جي دو??ي جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته روسي صدر وز??را??ظم عم??ان خان کي روس جي دو??ي جي دعوت جي تجديد ڪئي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ هم آهنگي، وڌندڙ اعتماد ۽ تازن اعليٰ سطح جي رابطن سان عبارت ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا فروغ پذير آهن. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.
افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا