اسلام آ??اد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ۾ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ايٿليٽس نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي ر??بطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا به شريڪ هئي. صدر ٽوڪيو اولمپڪس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ايٿليٽس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ر??نديگرن بهتر راند جو مظاهرو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، صدر اميد ظاهر ڪئي ته ايٿليٽس مستقبل ۾ ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ح??صلا افزائي لاءِ ٻنهي ايٿليٽس ۾ انعامي چيڪ به ورهايا.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج