اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان انساني حقن واري وفاقي وز??ر ڊاڪٽر شيرين مزاري ملاقات ڪئي ۽ جيلن ۾ قيد عورتن جي صورتحال ۽ انهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ٻڌل پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. انساني حقن واري وزارت طرفان جار?? پريس رليز موجب ڊاڪٽر شيرين مزاري وز??راعظم عمران خان جي هدايت تي جيلن ۾ قيد عورتن جي صورتحال ۽ انهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ٻڌل رپورٽ کيس پيش ڪئي. ياد رهي ته وز??راعظم مئي جي آخر ۾ جيلن ۾ قيد عورتن جي حالتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ انساني حقن واري وز??ر جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي هئي ۽ چار مهينن ۾ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔