اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان سڀني کي قومي جذ??ي سان سرشار ٿي عوام جي زندگين ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جو مثبت ۽ روشن ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هي قوم جي خدمت جو موقعو آهي، ذخيره اندوزي کي ??نهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اڄ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ سڄي پاڪستان ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ضرورت جي شين ۽ خوراڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا کان بچڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پارٽي جي متحرڪ ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو ويندو ته جيئن ماڻهو احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪن.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس