اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪي تاريخ جي پهرين عوامي ۽ فلاحي بجيٽ پيش ڪئي آهي جي??ا پاڪستان جي عوام جي فلاح ۽ ڀلائي ۽ ملڪي تر??ي ۽ خوشحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي عڪاس آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪالهه پارليامينٽ پهرين عوامي ۽ فلاحي بجيٽ جي منظوري ??ني آهي جنهن ۾ اقتصادي سڌارن جي هدفن کي به شامل ڪيو ويو آهي، بجيٽ جي منظوري ??انپوءِ ان تي عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي اقتصادي ٽيم ۽ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز