اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ان عزم کي ورجايو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، موجوده حڪومت قان??ن جي عملداري تي مڪمل يقين رکي ٿي، ايسسٽس ريڪوري يونٽ پارا?? تصديق کانپوءِ شڪايت قانون واري وزارت ڏانهن موڪلي وئي، قانون واري وزارت ٻيهر تصديق کانپوءِ سمري ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب صدر ڏانهن موڪلي آهي ۽ ان معاملي ۾ پڻ قان??ن جي عملدراري کي پوري طرح نظر ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي تازي دوري خاص طور تي او آءِ سي ۾ خطاب دور??ن ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جو معاملو اٿارڻ ۽ پيڙهيل طبقن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم تي خراج تحسين پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا