اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مون ناڻي واري وزير اسحاق ??ار کان استعيفا طلب ناهي ڪئي، اسحاق ??ار کي عدالت سزا ناهي ڏني، ڪيس هلندي عهد?? نه رکڻ تي آئين ۾ ڪا به پابندي نه آهي، اسحاق ??ار کان وڌيڪ ڪو ٻيو بهتر ناڻي وارو وزير نٿو ٿي سگهي، ايل اين جي جي معاهدي جي هر طرح سان ذميداري منهنجي آهي، اسان معاهدي جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ تفصيلي طور تي آگاهي ڏني آهي، مون تي الزام ??هو هڻي جنهن جا هٿ صاف هجن، اقتدار جي منتقلي بهتر نموني ٿيڻ جمهوريت جي فتح آهي، ملڪي معيشت بهتري طرف قدم کڻي رهي آهي پر ا??ڙيون پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن حڪومتن جي اچڻ وڃڻ سان ڪو به فرق نه پوي، هڪ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو عوام قبول ناهي ڪيو ۽ ??هو تاريخ تي ڇڏيو وڃي ته ??هو فيصلو صحيح هو يا غلط، هن چيو ته اقتدار جي منتقلي بهتر ا??داز ۾ ٿيڻ سان جمهوريت جي فتح ٿي آهي، ڇو ته گهڻن جو خيال هو ته ڪيترائي ايم اين ايز پارٽي ڇڏي ويندا ۽ ووٽ نه ڏيندا ۽ هارس ٽريڊنگ ٿيندي پر ا??هن سڀني ڳ??له??ن جي نفي ٿي ۽ اقتدار بهتر نموني سان منتقل ٿي ويو ۽ ڪا به ڇڪتاڻ نه ٿي، هن چيو ته 28 جولاءِ جي فيصلي تي تاريخ پنهنجو ضرور فيصلو ٻڌائيندي
حڪومت ملڪي معيشت بهتري طرف قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena