واشنگٽن-05 آڪٽوبر(اي پي پي) آمريڪا ۾ ??اڪ??تان جي سفير مسعود خان ??اڪ??تان ۾ آمريڪي سفارتي مشنز ۾ مقررين لاءِ چونڊيل امريڪي فارن سروس جي 16 آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپا هموار ڪرڻ تي زور ڏنو. ??اڪ??تاني سفارتخاني مان جاري پريس رليز موجب مسعود خان چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي پراڻن لاڳاپن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن فارن سروس انسٽيٽيوٽ ( ايف ايس آءِ) ۾ 32 هفتن جي وقت تي ٻڌل اردو ٻولي جي ڪورس ۽ ثقافت جي تربيت مان گذرندڙ آفيسرن کي چيو ته اوهان جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪ خاص طور تي ??اڪ??تان ۽ آمريڪا جي عوام کي هڪٻئي جي ويجهو آڻينداسين، ??اڪ??تاني سفير اردو ۾ ڳالهائيندي آفيسرن تي زور ڀريو ته هو سفارتڪاري ذريعي گڏيل غلط فهمين ۽ بدگمانين کي ختم ڪن، هن چيو ته ٻئي ملڪ اقتصادي لاڳاپن ۽ سولين شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ??اڪ??تان وٽ اهڙا بي قدرتي وسيلا، جاگرفيائي بيهڪ ۽ ڀرپور ثقافتي ورثو آهي جنهن کي پوري طرح استعمال ۾ ناهي آندو ويو. هن چيو ته تعليمي شعب?? ۾ ??هڪار ٻطرفي لاڳاپن جو ه?? اهم حصو آهي جيڪو ??اڪ??تاني نوجوانن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ان سلسلي ۾ هن 39 هزار اهڙن اڳوڻن شاگردن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي جن آمريڪا ۾ مختلف تعليمي ادارن مان تربيت حاصل ڪئي. ان کان اڳ ڊائريڪٽر ايف ايس آءِ سفير جوآن اي پولاسچڪ ??اڪ??تاني سفير کي اداري جي مختلف تربيتي پروگرامن تي بريف ڪيو.
پاڪستاني سفير جي آمريڪي فارن سروس جي آفيسرن سان ملاقات، گڏيل عوامي رابطن ۽ مضبوط اقتصادي لاڳاپن تي زور
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر