پيرس -28 آگسٽ (اي پي پي) فرانس جي تع??يم واري وزير سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو لباس تع??يم جي حوالي سان فرانس جي سخت سيڪولر قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. برطانوي نشرياتي اداري مطابق تع??يم واري وزير گيبريئل اٽل چيو آهي، ته هاڻي اسڪولن ۾ عبايه پائڻ ممڪن نه هوندو ۽ اهو 4 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ ڪلاسن جي واپسي کان اڳ اسڪولن جي سربراهن کي قومي سطح تي واضح قائدا ڏن?? ويندا. واضح رهي ته فرانس 19 صدي جي قانون بعد کان سرڪاري اسڪولن ۾ مذهبي علامت سخت پابندي لڳائي رکي آهي ۽ سرڪاري ادارن م تع??يم مان روائتي ڪيٿولڪ اثر رسوخ جي خاتمي ۽ وڌندڙ مسلم اقليت کي منهن ڏيڻ لاءِ ??هڙن رهنما اصولن کي اختيار ڪيو آهي. فرانس 2004ع ۾ اسڪولن ۾ اسڪارف پائڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ 2010ع ۾ عوامي هنڌن تي مڪمل چهري جي نقاب تي پابندي لڳائي هئي جنهن سان اتان جي 50 لک مسلم برادري پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو.
فرانس جي سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena