اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪار سيڙپڪاري جي سازگار ماحول ۽ مراعتن مان فائدو کڻن، ترقي جي لاءِ ڊگهي مدي وارا سڌارا آندا پيا وڃن، پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان خطي ۾ معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، چين ۽ وچ ايشيائي رياستن سان رابطن کي هٿي ملندي. پرڏيهي ڪارپوريٽ ليڊرز ۽ عالمي ڪمپنين جي چيف اي??زي??يوٽو آفيسرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم کين حڪومت جي سيڙپڪار پاليسين ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کان ??گا??ه ڪيو. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته پاڪستان کي سخت مالي ۽ توانائي بحران درپيش هو، ناڻي واڌ جو دٻاءُ هو، ا??ڪس??ينج ريٽ ۽ سيڪيورٽي صورتحال خراب هئي، اڻوڻندڙ عالمي معاشي حالتن جي باوجود هاڻي اسان جي حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج