اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان، ڀارت گئس پائيپ لائين (تاپي) پوري خطي جي ??اء?? انتهائي اهميت وارو منصوبو آهي، منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ سان توانائي جي سيڪيورٽي ۽ علائقائي خوشحالي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم هائوس ۾ ترڪمانستان جي پارل??ام??نٽ جي چيئرپ??سن اڪجانر برديف جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جون گئس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کانسواءِ هي منصوبو علائقي کي اقتصادي ۽ سياسي لحاظ کان پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ