گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قوم?? جي اداري او سي ايڇ اي ڏکڻ غزه ۾ شديد اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصا?? جي تصديق ڪئي آهي. او سي ايڇ طرفان جاري رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڏکڻ غزه ۾ هفتي جي پڄاڻيءَ دوران اسرائيلي بمباري سان سَوين شهادتن اتي پناهه ??ٺندڙ فلسطينين لاءِ ڳڻتيءَ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. امدادي ٽيم?? جي چُرپر انتهائي محدود ۽ اُتر تائين رسائي هاڻ مڪمل طور تي بند آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته گذريل ڏينهن غزه تي اسرائيلي بمباري سان گهٽ ۾ گهٽ 316 ڄڻ?? شهيد ۽ 664 زخمي ٿيا آهن. فلسطيني پناهگير?? جي حوالي سان گڏيل قوم?? جي اداري يو اين ڊبليو آر اي چيو آهي ته ڏاکڻي علائقي رفح تي اسرائيلي جي فضائي حملن ذريعي ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. يو اين ڊبليو آر اي جي معاملن بابت ڊائريڪٽر ٿامس وائيٽ ٻُڌايو ته ماڻهو پاڻ کي مح??وظ هنڌن لاءِ واجهائي رهيا آهن پر اسان وٽ انهن کي مح??وظ هنڌن تائين رسائڻ لاءِ ڪجهه ??اهي.
گڏيل قومن جي اداري غزه جي ڏکڻ ۾ اسرائيلي بمباري سان وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان جي تصديق
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ