تهران _17 آگسٽ(اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته پرڏيهي ملڪ جاري ڪيل اثاٽن کي ملڪي پيداوار لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل معاهدي هيٺ ايران ۾ قيد پنجن آمريڪي قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا ۾ موجود 06 ارب ڊالر جي ايراني اثاثن کي غير منجمند ڪري قطر جي هڪ اهڙي اڪائونٽ ?? منتقل ڪيو ويندو جنهن تائين ايران جي رسائي ممڪن ٿي سگهي، آمريڪي عملدارن جوچوڻ آهي ته ايراني فنڊز کي محدود اڪائونٽ ۾ رکيو ويندو ۽ ان کي خوراڪ يا دوائن جي خريداري جهڙي انساني مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ايران پهرين قدم طور حراست ۾ ورتل چئن آمريڪي شهرين کي تهران جي جيل مان گهر ۾ نظر بند ڪرڻ ج?? اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته 05 شهري اڳ ئي گهر ۾ نظر بند هئا، گڏيل قومن ۾ ايران جي مشن چيو آهي ته معاهدي هيٺ آمريڪا ڪجهه ايرانين کي آمريڪي جيلن مان آزاد ڪندو، ايران جي صدر ابراهيم رئيسي اثاثن جي حوالي سان گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو هو ته پرڏيهي ملڪ جاري ڪيل اثاثن کي ملڪي پيداوار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
پرڏيهي ملڪن جي غير مجمند اثاثن کي ملڪي پيداوار وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو: ايراني صدر
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil