واشنگٽن-06 نومبر (اي پي پي) عالم?? خلائي اسٽيشن تي رهندڙ خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جي خلابازن آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ خلا مان ووٽ ڪا??ٽ ڪري تاريخ لِکي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خلائي مسافر بچ ولمور ٽينيسي ٽيڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڳالهائيند?? خلا مان ووٽ ڪا??ٽ ڪرڻ جي تجربي جو ذڪر ڪيو. واضح رهي ته ناسا جا چار خلاباز هن وقت زمين جي مدار ۾ موجود عالم?? خلائي اسٽيشن تي رهندڙ آهن. جن چئن?? خلابازن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ ايبسنٽي بيلٽ جي درخواست ڪئي هئي. اهو قدم خلابازن طرفان خلا ۾ قيام باوجود پنهنجي شهري فرضن جي ادائگيءَ سان وابستگيءَ کي اجاگر ڪري ٿو. خلا مان ووٽنگ ناسا جي نيئر اسپيس نيٽ ورڪ ذريعي ممڪن بڻائي ويندي آهي، جيڪا خلائي اسٽيشن ۽ مشن ڪنٽرول وچ ۾ ٻي ڊيٽا جي ڏي وٺ وانگر آءِ ايس ايس کان زمين تي بيلٽ منتقل ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر