اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف في?? ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم کي عالمي معيار ۽ فول پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعم??ل تي زور ڀريندي چ??و آهي ته في?? ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، في?? ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن طرف اهم قدم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف ڪليڪٽر ڪسٽمز ڪراچي زون جميل ناصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم في?? ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ نمايان خدمتن جي حوالي سان جميل ناصر ۽ ڪسٽمز ڪراچي زون ۾ سندس ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ في?? ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم لا??ِ 1.5 ڪروڙ روپيا روڪ رقم جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته في?? ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم عيوض ڪسٽمز آپريشنز ۾ شفافيت، ڪارڪرد??ي ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. هن في?? ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم کي عالمي معيار ۽ فول پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعم??ل تي زور ڀريندي هدايت ڪئي ته منصفاڻي، شفاف ۽ موثر ڪسٽمز سسٽم کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪسٽمز نظام ۾ وڌيڪ سڌارا آندا وڃن جيڪي عالمي معيار سان هڪجهڙائي رکن، وزيراعظم چيو ته في?? ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي جي حوالي سان هي سسٽم هڪ اهم سنگ ميل آهي، في?? ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن طرف هڪ قدم آهي.
فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha