اسلام آباد / نيويارڪ – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ”عوام جي خودمختياري جي عالمي احساس“ بابت پاڪستان جي اهتمام هيٺ فليگ شپ ??را??داد منظور ڪري ورتي آهي، اتفاق راءِ سان منظور ڪيل ??را??داد کي سڄي دنيا جي مختلف خطن ??ان وڏي انگ ۾ ملڪن حمايت ۽ تعاون فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان پاران جاري بيان موجب اها ??را??داد غيرملڪي قرضي، نئين آبادياتي ڏاڍ ۽ محڪوميت تحت رهندڙ سمورن ماڻهن جي خودمختياري جي نه ڇڏڻ جهڙي حق جي توثيق ڪري ٿي. ??را??داد ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ ترقي جي لاءِ ان حق جو مڪمل ادراڪ ضروري آهي. بيان موجب چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستان اها سالياني ??را??داد انهن ماڻهن جي جاري جدوجهد خاص طور تي جابراڻي قبضن تحت زندگي گذاريندڙن طرف ڇڪرائي آهي جيڪي خودمختياري جي حق کان محروم آهن. اها ??را??داد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ماڻهن جي خراب حالت تي روشني وجهي ٿي جنهن سان خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي جائز خواهشن جي لاءِ ع??لمي حمايت کي سگهه ملي ??ي. ان ??را??داد جي متفقه منظوري گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي گڏيل راءِ جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ خودمختياري جي اصول کي مضبوط ڪري ٿي، جيئن ته عالمي قانون بشمول گڏيل قومن جي چارٽر ۽ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن ۽ اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن ۾ لکيل آهي. بيان موجب اهو انصاف، امن ۽ برابري جي لاءِ ع??لمي عزم جي پڻ تصديق ڪري ٿو. انهن اصولن جي توثيق ڪندي ??را??داد سڄي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ يڪجهتي جو هڪ مضبوط پيغام آهي جيڪي غيرملڪي قبضي کان آزادي جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. اها ??را??داد نه رڳو غيرملڪي مداخلت ۽ ڏاڍ جي خاتمي جو مطالبو ڪري ٿي پر قبضي تحت ماڻهن جي حقن جي احترام جي اهميت تي پڻ زور ڏي ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان معاملي تي پاڪستان جي ثابت قدم قيادت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته خودمختياري جو حق عالمي ڳالهه ٻولهه جي هڪ مرڪزي ٿنڀ جي طور تي بر??را?? آهي جيڪو سڄي دنيا جي لکين ماڻهن کي اميد فراهم ڪري ٿو جيڪي آزادي جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران پاڪستان جي فليگ شپ قرارداد جي منظوري ۾ وڏي انگ ۾ ملڪن حمايت ۽ تعاون فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب