اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ خوارج جي افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي ??ورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خر??ج تحسين پيش ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم ٽن خوارج جهنم واصل ڪرڻ تي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيا??ن کان پري ملڪ جي سرحدن جي حفاظت تي مقرر پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ساراهه جي لائق آهن.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino