لاهور- 22 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ف??م انڊيسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي 41 هين ورسي 23 نومبر تي م??ها??ي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي ??بق?? ۽ سندس مداحن طرفان مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويند??ون. وحيد مراد 2 آڪٽوبر 1938ع تي ڪراچي ۾ نثار مراد جي گهر پيدا ٿيو. وحيد مراد پاڪستاني ف??م انڊيسٽري جو اسٽائلش هيرو هو. اداڪار طورتي سندس انداز ۽ گانن جي پڪچرائزيشن تحسين جوڳي هئي، جنهن کي ڀارت جي ف??م انڊسٽري ۾ به نقل ڪيو ويندو هو. هن فلم ساز طورتي پڻ خدمتون انجام ڏن??ون. فلم ساز طورتي سندس 2 فلمون انسان بدلتا هي ۽ جب سي تمهين ديکا هي رڪارڊ بزنس ڪيو. انهن فلمن جي ڪري وحيد مراد شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. وحيد مراد جي بهترين فلمن ۾ هيرا اور پٿر، بهارو ڦول برسائو، مستانه، ماهي، مني، ثريا بوپالي، ديور ڀاڀي، انجمن، سالگره ۽ ارمان نمايان آهن. وحيد مراد جي آخري فلم هيرو هئي جيڪا سندس وفات بعد 1985ع ۾ ريليز ٿي. وحيد مراد 23 نومبر 1983ع تي دل جو دورو پوڻ سبب 45 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
وحيد مراد جي 41 هين ورسي 23 نومبر تي ملهائي ويندي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina