اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته ??ول??و جي خات??ي جي عالمي ڏينهن ??ي اسان ??ول??و جي خات??ي جي حوالي سان آگاهي ۽ ان موذي مرض جي مڪمل خات??ي جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد جي لاءِ متحد آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 24 آڪٽوبر تي ??ول??و جي خات??ي جي عالمي ڏينهن ??ي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پنهن??ي پيغام ۾ چيو ته ??ول??و هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ??ڄي دنيا جي لکين ٻارن کي متاثر ڪيو آهي، پاڪستان ??ول??و جي خات??ي جي مشن ۾ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت پاڪستان کي ??ول??و کان پاڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ ثابت قدم آهي ۽ هڪ اهڙي مستقبل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جتي ڪو به ٻار ان بيماري کان متاثر نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هيلٿ ورڪرز، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙن عالمي حصيدارن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري اسان ??ول??و جي ڪيسز کي گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ??ه سيڪيورٽي خدشن، ??ول??و ويڪسين بابت غلط معلومات ۽ ڏورانهن ??لائقن تائين پهچ جهڙا مسئلا درپيش آهن پر انهن ??مورين رڪاوٽن جي باوجود اسان جي هيلٿ ورڪرز هر ٻار کي ??ول??و ويڪسين پيارڻ جي لاءِ بهادري سان ڪم جاري رکيو آهي. هن چيو ته اسان نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان جي ذريعي صحت جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ويڪسين جي ڪوريج کي وڌائي رهيا آهيون ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ??ي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو ته ??ول??و جي خات??ي جي لاءِ علائقائي تعاون انتهائي اهميت رکندڙ آهي، سرحد پار کان ??ول??و جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جي اها ويڙهه ??ول??و جي خاتمي سان گڏوگڏ عوامي صحت جو هڪ مضبوط نظام بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جي صحت جي تحفظ بابت آگاهي ۽ ڪوشش بابت آهي. وزيراعظم سمورن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي ٻارن کي ??ول??و کان بچاءُ جا ڦرا پيارين ۽ ڪميونٽي ليڊرز پڻ ??ول??و جي خاتمي ??ي پيغام کي عام ڪن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ول??و فري ملڪ بڻجڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پنهنجي شهرين ۽ عالمي حصيدارن جي تعاون سان اسان ان مقصد کي حاصل ڪنداسين.
پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي اسان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان آگاهي ۽ ان موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد جي لاءِ متحد آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث