اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مهانگائي ۾ اسان جي اميدن کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، پائيدار معاشي استحڪام ل??ءِ بنيادي سڌارا اڻٽر آهن، پاڪستان جو بئنڪنگ سيڪٽر بهتري طرف گامزن آهي، حڪومت پاليسي فريم ورڪ ڏيندي، بئنڪنگ سيڪٽر سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪندو. اسلام آباد ۾ پاڪستان اڪانامي ڊيش بورڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران هن چيو ته اسان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، معاشي ترقي ل??ءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن، مهانگائي جي شرح مسلسل گهٽجي رهي آهي. هن چيو ته هي اسان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام ان صورت ۾ هوندو جڏهن اسان بنيادي سڌارا ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي سڌارن ڏانهن وڃڻو پوندو، اسان کي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح کي وڌائڻو آهي، هن چيو ته اسان جي معيشت جنهن ج??ءِ تي موجود آهي اسان کي ان کي استعمال ڪندي ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسي ۾ تسلسل فراهم ڪرڻ جي عزم تي يقين رکي ٿي. هن چيوته ملڪ ۾ هن وقت جيڪو معاشي استحڪام آيو آهي اسان کي ان جي ذريعي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته اسان بنيادي سڌارا ڪريون ڇاڪاڻ ته اها اسان جي ملڪ جي بنيادي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي بئنڪنگ سيڪٽر جي بهتري و??ري خوشخبري ملڪي معيشت ل??ءِ مثبت اڳڀرائي آهي. حڪومت جو پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جو عزم ۽ بئنڪنگ سيڪٽر طرفان سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو واعدو ٻئي گڏجي معاشي ترقي ۽ مالياتي اسحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.هن چيو ته بئنڪنگ سيڪٽر ۾ بهتري جو مطلب آهي ته سيڙپڪاري جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي مالي مدد ملندي ۽ عام شهرين ل??ءِ به بئنڪاري خدمتن تائين پهچ ??سا?? ٿيندي. حڪومت طرفان موثر پاليسي فريم ورڪ نه رڳو بئنڪن کي بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو پر سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ به اضافو ڪندو، جنهن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فضا سازگار ٿيندي. محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ڪرڻو آهي، پائيدار معاشي استحڪام ل??ءِ بنيادي سڌارا آڻڻ ضر??ري آهن. اهي سڌارا معيشت جي مختلف شعبن ۾ بهتري ۽ ڊگهي مدي و??ري استحڪام کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ ضر??ري آهن. ڪجهه اهم قدم جيڪي پائيدار معاشي استحڪام کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ ڪري سگهجن ٿا انهن ۾ ٽيڪس نظام جا سڌارا، ٽيڪس نيٽ کي و??يع ڪرڻ ۽ ٽيڪس چ??ري کي روڪڻ ل??ءِ موثر قدم کڻڻ ضر??ري آهن.ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو ۽ منضفاڻو ٽيڪس جو نظام مالياتي خساري کي ??هٽ ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پرڏيهي قرضن جي ذميواراڻي مينيجمينٽ ۽ مالياتي خساري کي ??هٽ ڪرڻ ل??ءِ سخت مالياتي ڊسيپلين ضر??ري آهي. ان سان معيشت تي قرضن جو بار گهٽ ٿيندو ۽ قرضن جي ادائيگي ۾ ??سا??ي ٿيندي. سيڙپڪاري کي ??سا?? ۽ محفوظ بڻائڻ ل??ءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻو پوندو. قانونن کي ??سا?? ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي لاڳو ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري ل??ءِ راهه هموار ڪري سگهجي ٿي. اهي سڌارا ڊگهي مدي و??ري معاشي استحڪام ل??ءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا ۽ ملڪي ترقي ل??ءِ لازمي آهن.
مهانگائي ۾ اميدن کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا