نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ ما??دي?? جي صدر ڊاڪٽر معيوزو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي ۽ ??ائ??دار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت ۽ خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي اتفاق ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي ما??دي?? جي صدر ڊاڪٽر معيوزو سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ما??دي?? جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهري لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏنو. وز??راعظم ما??دي?? سان واپار، سياحت، تعليم، سيڙپڪاري ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي ۽ ??ائ??دار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مالديپ جي صدر سان ملاقات، خطي جي امن، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش