سرينگر- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سرينگر سميت مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي (اڄ) 05 آگسٽ يوم استحصال کي ڪارو ڏينهن طور ملهائين. ڪشمير ميڊيا سروس مو??ب 05 آگسٽ 2019 ۾ بي جي پي جي هندو پرست حڪومت عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي جي خاص حيثيت ڏيڻ واري آئين جي قلم 370 ۽ 35 (اي)کي رد ڪري علائقي ۾ فوج کي مقرر ڪيو هو. غير قانوني طور تي نظر بند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خ??ن جي تصويرن وارا پوسٽر سرينگر جي مختلف علائقن ۾ لڳايا ويا آهن جن ۾ ڀارت جي 05 آگسٽ 2019 واري غير قانوني ۽ هڪ طرفي فيصلي کي رد ڪيو ويو آهي، مختلف حريت پسند تنظيمن پاران لڳايل پوسٽرن ۾ 05 آگسٽ 2019 واري قدم کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين مطالبن ۾ قلم 370 ۽ اي 35 جي فوري بحالي، ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن مو??ب حل، سمورن سياسي نظر بندن جي آزادي ۽ ولاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پار??ن جاري انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو شامل آهي، پوسٽر واٽس ايپ، اي??س، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام پليٽ فارمز تي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.
والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پوسٽر لڳي ويا، عوام کي (اڄ) 05 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن طور ملهائڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔