اسلام آ??اد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ??شم??ر تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ??شم??رين جي سي??سي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 93 هون ”??شم??ر شهداءِ ڏهاڙو“ 13 ج??لاءِ تي ملهايو ويندو، اهو ڏينهن انهن 22 ??شم??رين جي شهادت جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جن 1931ع ۾ سرينگر ۾ ڊوگره فورسز جي انڌاڌنڌ فائرنگ جي مقابلو ڪندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ترجمان چيو ته اسان انهن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ??شم??ري عوام جي حقن ۽ آزادي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ هڪ دليراڻي تحريڪ کي جنم ڏنو، اها تحريڪ اڄ تائين جاري آهي. ترجمان چيو ته ڊوگره فوج جي طرز تي ڀارتي فوج گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هزارين ??شم??رين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي قتل ڪيو آهي، ناليواري ??شم??ري نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني انهن سوين ??شم??ري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ عدالت کان مٿانهون قتل جو شڪار ٿي چڪو آهي، ان جي اٺين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي وئي. هن چيو ته ”??شم??ر شهداءِ ڏهاڙي“ جي هن هفتي ۾ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ??شم??ري عوام جي خلاف عدالت کان مٿانهين قتل ۽ بي رحماڻي طاقت جي انڌاڌنڌ استعمال جي مهم بند ڪري.
پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی