اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) ??لن??ڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مرڪزي بينڪ مهانگائي جي شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح 1.5 سيڪڙو گهٽ ڪري 22 سيڪڙو کان 20.50 سيڪڙو تي کڻي آئي. اقتصا??ي سروي مطابق حڪومت طرفان مربوط ڪوششن جي نتيجي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل لاٿ نظر آ??ي ۽ مئي دوران مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 11.8 سيڪڙو تي اچي وئي جيڪا گذريل 30 مهينن دوران مهانگائي جي سڀ کان گهٽ شرح آهي. ياد رهي ته مئي 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح بلند ترين 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. حڪومت طرفان سخت مالياتي پاليسي مرڪزي بينڪ طرفان وياج جي شرح ۾ مسلسل اضافي ۽ رسد ۾ بهتري سان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي. حڪومت مهانگائي جي شرح کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ انتظامي، رليف ۽ پاليسي ليول تي قدم کڻي رهي آهي. عالم?? سطح تي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي سبب عالمي ترقي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي. 2023ع ۾ عالمي اقتصادي ترقي گهٽ ٿي 3.2 سيڪڙو رهي. عالم?? سطح تي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي متوقع آهي. 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 6.8 سيڪڙو رهي جيڪا 2024ع ۾ گهٽ ٿي 5.9 سيڪڙو تي اچڻ جي اميد آهي. عالم?? سطح تي جيو پوليٽيڪل صورتحال سبب اقتصادي ترقي کي ڌچڪو لڳو، خاص طور تي يورپ ۽ مڊل ايسٽ ۾ جنهن سبب توانائي جي قيمتن ۽ روزمره استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.
هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مقامي بينڪ وياج جي شرح کي 1.5 سيڪڙو گهٽ ڪري 22 سيڪڙو کان 20.50 سيڪڙو تي آئي: اقتصادي سروي
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena