اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي نجي ??عب?? جي وچ ۾ شينزن پاڪستان بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني واپارين ۽ چين جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ بزنس ??و بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف ??عب?? ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هلندڙ چين جي دوري دوران پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين وفاقي حڪومت جي بزنس ??و بزنس ??دمن جي نتيجي ?? مفاهمت جي 32 مختلف يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي گڏيل دلچسپي جي ??عب?? ۾ اليڪٽرانڪس ۽ گهريلو اوزارن، آءِ سي ٽي، ٽيڪسٽائيلز، چمڙي، معدنيات ۽ دواسازي جا شعبا شامل آهن. پڌرائي موجب پاڪستان ۽ چين جي نجي ??عب?? توانائي جي ??عب?? ۾ چئن مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز)، آٽو موبائيل جي ??عب?? ۾ ٻه، ثقافتي تعاون جي ??عب?? ۾ هڪ جڏهن ته انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي ??عب?? ۾ چئن ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۽ چين جي پرائيويٽ سيڪٽرز دواسازي ۽ هيلٿ ڪيئر سيڪٽر ۾ 6 ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن جڏهن ته لاجسٽڪس جي ??عب?? ۾ چئن ۽ زراعت ۽ فوڊ پروسيسنگ جي ??عب?? ?? مفاهمت جي 10 يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي نجي ??عب?? آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ جي ??عب?? ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي پڻ صحيحون ڪيون. واضح رهي ته بزنس ڪانفرنس شينزن 2024ع نه رڳو علائقائي منڊين ۾ پاڪستاني مصنوعات کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ راهه هموار ڪندي پر اها پاڪستان جي معيشت جي اسٽريٽجڪ تبديلين تي مضبوط علائقائي حڪومت ۽ ڪاروباري لاڳاپن تي مثبت اثر پڻ ڇڏيندي. تقريب منعقد ڪرڻ ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومت جي ان بي ٽو بي قدمن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ بي مثال اڳئين سطح جو صنعتي تعاون متوقع آهي.
پاڪستان ۽ چين جي ڪاروباري ماڻهن وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف شعبن ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ